سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي حيدرآباد

سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي، حيدرآباد: سنڌ جي برک اديب محمد ابراهيم جويي ۽ ع. ق. شيخ، هي ادارو 1975ع ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ منظور چيمبرس، گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ قائم ڪيو. هن اداري جي ميمبرن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سنڌ جا ٻيا ناميارا اديب پڻ شامل هئا. سنڌي اديبن جي هن سهڪاري سنگت پاران ڪيترا ادبي ۽ سياسي معياري ڪتاب شايع ڪيا ويا، جن ۾ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جا رسالا (شاگرد ايڊيشن)، ’ساميءَ جا سلوڪ‘ (ٻه ڀاڱا: ڀوڄراج ناگراڻي: هن جي ٻئي ڀاڱي ۾ عبدالڪريم سنديلي جي سامي لغت به شامل آهي)، ’شاهه، سچل ۽ سامي: هڪ مطالعو‘ (محمد ابراهيم جويو)، ’ڪنول پاڙون پاتال ۾‘ (فتاح ملڪ جي شاعري)، ’ٻاويهه سو ٻاويهه‘ (قاضي فيض محمد جو ناول)، ’ڳالهيون من اندر جون‘ (صوفي لعل محمد چانڊيو)، ’جنسار‘ (قاضي فيض محمد جو ناول)، ’واڄٽ ويراڳين جا‘ (محمد امين کوسي ۽ سائين جي. ايم. سيد جا خط: مرتب: تاج جويو ۽ عبدالواحد آريسر)، ’ادب ٻولي ۽ تعليم‘ (محمد ابراهيم جويو)، ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (محمد ابراهيم جويو‘، ’ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ٻه جلد: محمد ابراهيم جويو)، Sorrows of Sindh (G. M. Mehkri)، ’سندي ذات هنجن‘ (رسول بخش پليجو)، الوحيد آزاد سنڌ نمبر‘ (1936ع جو ٻيو ڇاپو) وغيره شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو